ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
سرويچ سجاولي
واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجھس پوکون پچن؛ واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جِتي جا محبتي ، سورهيه سگھارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي.
ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.
سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روھ تان برفُون ڀرن،
يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليوُن مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
خوش ٿِي کٿيرِيون جي کِلن، تان مَاڻڪن جَا مڻ مِلن،
جي ٽول پائِي ٿِيوُن ٽِلن ، تان ساڙ ۾ ڊيلَون جَلن،
هو ديس تان گھوريُون گھُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن،
شل جيئنديون ٻئيِ جُڳ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون.
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جن جا جنگي ۽ جوان پُٽ ، ڳاڙها جيهاَ حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هڪ هڪ سندا هيڏا سيني سَپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهُون ڇَپر،
هڪ هڪ سنديءَ مستيءَ ۾ ڏس، تُون مَستيُون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
اسان جيئن به به جيئي ڪو جھان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾
ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾
پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾
نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾
ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾
وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾
هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَ
اسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾
اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾
ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾
ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾
———————————-
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.
گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.
سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.
مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي
اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
——————————
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ
هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ
هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
—————–
هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.
جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.
ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.
تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.
ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.
جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.
جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.
—————————
اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون،
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.
هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا،
هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون
هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون.
هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون
اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل!
تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون.
هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون
۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
”او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون“
اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون
صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون
اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن
ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون
چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ
وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون
نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون
تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون
نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا
نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون
اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون
نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون
”سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.“
۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي.“
—————–
هي وستيون ڳوٺ اجاڙ ڏسي ۽ لاشن جا ست ماڙ ڏسي
منهنجو ته جگر ئي ڦٽجي ويو منهنجو ته ڪليجو ڪٽجي ويو
هر روز نڌڻڪن تي گوليون، هر روز لهوءَ سان هي هوليون
رت منجھه رضا اڄ ڳاڙهو آ، پيءَ جي به ڪپار ۾ ڪاڙهو آ
هوءَ ماءُ رضا جي تڙپي پئي، هوءَ ڀاءَ جي ڀيڻ به سڏڪي پئي
ڪيڏو نه قهر ڪيو مون تي قضا او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هت بربادي آ نگريءَ ۾، ڄڻ هانءُ جلي ٿو سِگريءَ ۾
ويو خون سفيد ٿي يارن جو، هن ديس سندن غدارن جو
تن ميرن ڄام نوابن جو، ڀرڳڙين جو اربابن جو
بي شرم جيئن ٿا مَرڪُ ڪري، مرن نه ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري
هي پنجابين جا بوٽ چٽا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هن ديس جي هارين نارين سان، سي ساڳيا انڌير اڃان
روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي
اڄ هن جي ڌيءَ کڻائي ويو، هو لوفر پٽ وڏيري جو
اڄ ڏاند به هن جا ڇوڙيا ويا، ڏنڊا به پوليس جا ٽوڙيا ويا
ٿو رتَ ۾ لت پت فرش مٿان، ۽ لوهي شيخن جي پٺيان
ٿس ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ويا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هت ڪالهه به منهنجن پيارن جون، ويچارن جون ٻڪرارن جون
ڇيرن سان ڇاتيون ڇاڻيون ويون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون
پٽڪن جي وڙين کي ڦاريو ويو، پوتين جي پَلن کي ساڙيو ويو
مينار کڙا ٿيا لاشن جا، ۽ تاج جھليا بدمعاشن جا
هن ڀونءِ تي ڪڙڪي ڇا ته وبا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
مون تنهنجو شهپر ڏٺو، هن جوءُ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو
مون تو کي ڏسندي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
هت بان جي ڪپري آيو هئين، بي ڏوهه نڌڻڪو گھايو وئين
او آزادين جا متوالا، او چانڊوڪين جا روکوالا
اڄ عظمت جي محرابن ۾، مون سيس جھڪايو سجدن ۾
او منهنجا ڀاءُ او منهنجا رضا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
————————
هن ڌرتيءَ جو دستور الٽ
هن ملڪ سندو منشور الٽ
هت چهرو چهرو چور ڏٺم
هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
۽ گند گلين ۾ سڏڪا ڪن
هت سيني سيني دونهن دکن
هت دل دل ۾ ناسور چِڪن
هن ٿر مان هليا ٿاڪ ٿڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هت عصمت ڪاروبارو بڻي
هت مجبوري واپار بڻي
هيءَ نگري سڀ بازار بڻي
هت غربت ڄڻ ڪا گار بڻي
هن ٿڪن جھڙيءَ دنيا ۾
هن ههڙيءَ تهڙيءَ دنيا ۾
ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي
۽ ڍڪ ڍڪ وهه پيئڻو ٿو پوي
ڪجهه سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هي ڦٽڪا پٺڙن ساڻن تي
هي ماڻهو ميڙا ٿاڻن تي
ڪي زندان ۾ ڪي ڦاهن تي
ڪي بندوق جي ٺاهن تي
هي اوچيون ٻانگون چاڙهيءَ تي
هي رت جا دڳ دڳ ڏاڙهيءَ تي
هي چنبا ڪنهن جي چوليءَ تي
هي ٽِڪا ڪنهن جي پوتيءَ تي
هت جت ڪٿ جوکو جيءَ جڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هي بستي آ ڀوتارن جي
يا پيرن يا پاڳارن جي
هي ڏيهه سڄو زردارن جو
ڇا حق آ تو مون پارن جو
ڪوئي نه سهارو ٿي سگھندو
پنهنجو نه گذارو ٿي سگھندو
هن ناڻي واريءَ دنيا ۾
هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾
ڪو جيءُ اسان کي جاءِ نه ڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
ڪو تارا تاڻي رات ڪٽي
ڪو سالم سالم مُرغ چَٽي
ڪو لٽي اَٽي جي اڍڪي ۾
ڪو ٿولهه گھٽڻ جي کُٽڪي ۾
ڪو رت جون گُرڙيون ٿوڪاري
ڪو ڪُتا رِڇ تي ڪوڪاري
ڪو لِڄ بچائي پاڻ لِڪي
هوءَ ڪنهن جي چادر چور ڇِڪي
ٿو مُڇ وَٽي ۽ پاڻ پَڏي
هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
—————–
شل انهيءَ کان اڳي
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
ديس پنهنجي مان ڌاريان ٿـي ڌڪجي وڃــون،
پنهنجي مٽيءَ جي خوشبو لئه سِڪجي وڃون،
يا فـلـسـطــيــنــيــن جـــئـــيــن ڦُــرجــي وڃــون،
شــل انـهيءَ کان اڳــي ڪـاش وڙهندي مرون.
پـنـهـنـجــي ڏاڏاڻــي قــبـــرن مــٿان هٿ کڻون،
پننهنجي وڏڙن جي هڏڙن مٿان هــٿ کڻــون،
يا ڀــٽــائــي جـــي ســڏڙن مــٿــان هــٿ کڻون،
پنهنجي تاريخ جي مُنهن تي ڪارنهن مليون،
شــل انهـيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مرون.
ڪيئن ڪارونجھر ۽ ڪاڇي مٿان هٿ کڻون،
ڪيـئن ڪينجھر ڪراچيءَ مٿان هٿ کڻـون،
پنهنـجـي نــوري تــمــاچــي مــٿــان هـــٿ کڻــون،
۽ وڏيـــرن جــيـــئــــان ســـنــڌ وڪــڻــي ڇڏيون،
شل انهيءَ کان اڳي ڪـاش وڙهــنــدي مــــرون.
پنــهــنــجا ايـــنـــدڙ نـســل دربـــدر ٿــي رُلـــن،
ذلــتــن ســـاڻ ڪــيــمـــپــن ۾ پَـلـبـا رهن،
پــنــهــنــجي وڏڙن تي لعنت ملامت وجھن،
مــــارئــــي جـــي وطـــن جـــا مــيــاري ٿيون،
شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مرون.
——————–
مِٽيءَ جي خوشبوءِ
جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.